ٽانڪي/آتشڪ

ٽانڪي/آتشڪ

ٽانڪي آتشڪ

ٽانڪي/آتشڪ (Syphilis): وچڙندڙ جنسي بيماريءَ جو هڪ قسم جنهن سان پوري جسم تي ڦلوڪڻن نما ڦٽ ٿي پوندا آهن ۽ انهن ڦٽن ۾ گـنـد ڀـرجـي ويـنـدو آهـي هـن بـيـماريءَ کي انگريزيءَ ۾ (Hardchaner) يا (Syphilis) چون. طب ۾ ان جو نالو آتشڪ باد فرنگ يا آباد فرنگ آهي. محقق طبيبن جو چوڻ آهي ته 1943ع کان اڳ ۾ هيءَ بيماري يورپ ۾ نه هئي، جڏهن ڪولمبس سياح آمريڪا کي ڳولي لهڻ کانپوءِ واپس ٿيو ته جهاز جي ملاحن کي هيءَ بيماري وڪوڙي وئي هئي. انهن ملاحن ذريعي هيءَ بيماري يورپ ۾ پکڙجي ويئي پوءِ اتان وري مصر، ان کانپوءِ ايشيا جي ملڪن ترڪي، ايران، هندستان ۾ پکڙجي ويئي، جنهن ڪري ڪتابن ۾ هن بيماريءَ جو نالو آباد فرنگ يا باد فرنگ لکيو ويو آهي. هن مرض جا هيٺيان مکيه سبب آهن.
مرض جا سبب: هيءَ بيماري هڪ وچڙندڙ جراثيم Treponema Pallidum ذريعي پوري جسم ۽ پوءِ هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ تائين پهچي مختلف هنڌن تائين پکڙجي ٿي. هي جراثيم غير محفوظ جنسي عمل ذريعي به هڪ انسان کان ٻئي تائين پهچي ٿو. ننڍن ٻارن کي اڪثر ڪري دائيءَ کان به هيءَ بيماري وچڙي ٿي. هن بيماريءَ جا ٻه قسم آتشڪ مڪو ۽ ٻيو آتشڪ مورثي به آهن.
مرض جون نشانيون: هن مرض جي نشانين جا ٽي درجا آهن.
درجو پهريون: آتشڪ جو جراثيم لڳڻ کانپوءِ ڪجهه وقت اندر انهي جاءِ تي ڳاڙهي ڦرڙي ٿي پوندي آهي، جنهن جي پاڙ سخت ٿيندي آهي. آهستي آهستي وڏي ٿي پوءِ ڦاٽي پوندي آهي، ان کانپوءِ زخم ٿي پوندو آهي.
درجو ٻيو: هن ۾ مريض بي چين ۽ ڪمزور ٿي پوندو آهي، جسم تي گلابي رنگ جا داڻا نڪري پوندا آهن، جسم جا غدود سڄي پوندا آهن، جسم ۾ سور وڌي ويندو آهي، سور جي شدت رات جو گهڻي وڌي ويندي آهي. ان دوران بخار به ٿي پوندو آهي، ٻن ٽن مهينن کان پوءِ ڳاڙها داڻا ختم ٿي ويندا آهن. انهن جاين تي ڪارا داڻا ٿي پوندا آهن. چپ، وات، زبان ۾ آتشڪي زخم ٿي پوندا آهن. مرض شدت اختيار ڪندو آهي ته ڀرون، پنبڙين ۽ مٿي جا وار به ڇڻي ويندا آهن. ان کانسواءِ سَنڌ به سڄي پوندا آهن، هن بيماريءَ دوران اکيون ۽ ڪن به متاثر ٿيندا آهن. رت جي کوٽ ٿي پوندي آهي.
درجو ٽيون: هن درجي ۾ ٻئي درجي جي نشانين کانپوءِ مهينن يا سالن بعد هي درجو شروع ٿئي ٿو. مختلف عضون جن ۾کل، زبان، نڙي، دماغ، دل، جگر، ڦڦڙ، هڏين ۾ ڳوڙهيون پيدا ٿي پون ٿيون. اڪثر ڪري انهن عضون ۾ رات جو سور ٿئي ٿو. نڪ جي چوٽي ويهي وڃي ٿي يعني ڳري وڃي ٿي ۽ مريض ڪمزور ٿي وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو